اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ وفاقي ڪابينا جي ??جلاس ۾ حڪومت جا 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ناڻي واري صلاحڪار اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مالي سال جو خسارو 9.1 سيڪڙو مت??قع هو جيڪو هن وقت 8.1 سيڪڙو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 2 سالن جي ??رصي ۾ 17 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي جڏهن حڪومت ملي ته جاري مالياتي خسارو 20 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو، ٻن سالن دوران روانگي واپار وڌائڻ ۽ غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر مان وڌي 12.5 ارب ڊالر تائين پهچي چڪ?? آهن، غريب ۽ پٺتي پيل طبقا وزيراعظم جي ??ل جي ويجهو آهن، تعميراتي شعبي جي لاءِ موجوده حڪومت تاريخي رليف پئڪيج ڏنو جنهن ۾ انهن طبقن جي ??رورتن جو خاص خيال رکيو ويو آهي، ڪوويڊ 19 جي ??ورتحال جي ??اوجود احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 50 لک غريب خاندانن تائين مڪمل شفاف انداز ۾ مالي امداد پهچائي وئي جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي پڻ ضرورت جي ??ين تي رعايتي پئڪيج ڏنو ويو، وزيراعظم ڪچي آبادي جي ??هواسين کي بي گهر ڪرڻ بدران قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ کوکن جي ??والي سان سي ڊي اي کي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي ڪابينا اين آءِ آر سي جي چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ۽ شاهد محمود خان کي پارڪو جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن، وزيراعظم جي هدايت تي ناڻي واري صلاحڪار وفاقي ڪابينا کي حڪومت جي ٻن سالن جي معاشي ڪارڪردگي ۽ غريب ۽ وچين طبقي جي لاءِ قدمن جي ??والي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت جي موثر ?? ٺوس ڪوششن جي ڪري اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪوويڊ 19 جي ??اوجود معاشي انگ اکر بهتر رهيا ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ پورهيت طبقن جي ??هتري تي ڌيان ڏنو ويو ۽ اهوئي سبب آهي جو دنيا ان ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. هن چيو ته بلوم برگ جولاءِ جي مهيني ۾ پاڪستان جي ??سٽاڪ ايڪسچينج کي دنيا جي نمبر ون اسٽاڪ ايڪسچينج قرار ڏنو آهي جڏهن ته موڊيز به اقتصادي بهتري جي ??رجابندي ۾ پاڪستاني معيشت کي مستحڪم قرار ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن به غريب ۽ وچين طبقي جو ذڪر اچي ٿو ته وزيراعظم عمران خان چوڪس ٿي وڃي ٿو ڇو ته اهو طبقو وزيراعظم جي ??ل جي ??مام ويجهو آهي. هن چيو ته تعميراتي شعبي جي لاءِ جيڪو پئڪيج ڏنو ويو ان ۾ به غريب خاندانن جو خيال رکيو ويو آهي، تعميراتي شعبي جي ??حالي سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن جو پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيندو پر سرگرميون بحال ٿيڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته جهڙي طرح حڪومت ڪورونا وبا تي الله جي مدد سان ضابطو آندو، ان جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي ۽ دنيا ان حڪمت عملي جا مثال ڏئي رهي آهي.