اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ لوٽا ڪريسي جو خالق مريم صفدر جو والد مح??د نواز شريف آهي، گل??ت بلتستان جي عوام پاران پي ٽي آءِ جي پذيرائي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته گل??ت بلتستان جو معرڪو پي ٽي آءِ هڻي چڪي آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارن کان جي بي جي عوام پڇي رهي آهي ته 10 سالن ۾ جيڪي ڪجهه نه ڪري سگهيا اهو آئنده گل??ت بلتستان لاءِ ڇا ڪندا، مريم ۽ بلاول جون پارٽيون گل??ت بلتستان جي عوام جي نظر ۾ ڪري چڪيون آهن، شڪست انهن جو مقدر بڻجي چڪي آهي، مخالف ڌر اڳواڻن جي گفتگو تي پنهنجي رد عمل ۾ وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ مريم صفدر جي گل??ت بلتستان ۾ خطاب ۾ روايت موجب سندن لهجو شڪست کاڌل ۽ انتهائي مايوس ڪندڙ هو، هنن پنهنجي تقرير ۾ لوٽن ۽ ڌانڌلي جو ذڪر ڪيو جيستائين لوٽن جو تعلق آهي ته کين ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته سندس والد مح??د نواز شريف لوٽا ڪريسي جو خالق آهي جنهن جي پهرين فيڪٽري ڇانگامانگا تي لڳائي وئي، هن چيو ته گل??ت بلتستان ۾ گذريل 5 سال (ن) لگ جي حڪومت رهي، ناقص ڪارڪردگي تي خبر پئجي چڪي آهي ته شڪست توهان جو مقدر آهي.