پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جا وسيلا محدود آهن ۽ حڪومتي آمدني جو اڌ حصو قرض?? جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي جنه?? جي ڪري حڪومت لاءِ سڄي ملڪ جي هر علائقي ۾ جديد اسپتالن جو قيام سرڪاري فنڊز مان ممڪن نه آهي، اهڙي ۾ جيڪڏهن هڪ طرف پرائيويٽ اسپتال?? جي قيام ج?? حوصلا افزائي ڪئي وڃي ۽ ٻي طرف صحت سهولت ڪارڊ جهڙين اسڪيمن تحت عوام کي سرڪاري خرچ تي نجي اسپتالن ۾ علاج جي جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته اهو ملڪ جي عوام ج?? مفاد ۾ آهي. ??و پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي (پي آءِ سي) جي افتتاح کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.