اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊجيٽل نظام سان ضروري شين جي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملندي، ان نظام سان فيصلي سازي جي عمل ۾ شفافيت جو عنصر نمايان ٿيندو، حڪومت ڪورونا وبا جي دوران غريب ۽ مزدور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي مسلسل ڌيان ڏنو، پوري دنيا اسان جي قدمن کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان شماريات بيورو طرفان ناڻي واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي فيصلا سازي جي نظام ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ منعقد ا??لا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. ا??لا?? ۾ ناڻي وار?? وفاقي ??زير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وار?? وفاقي ??زير اسد عمر، صنعت وار?? وفاقي ??زير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.