لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ پنجاب ۾ زرعي پيداوار جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ويليوچين جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن محمد حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پنجاب جو وڏو وز??ر سردار عثمان احمد بوزدار، صوبائي وز??رن سيد حسين گرديزي، محمد سبطين خا??، وڏي وز??ر جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وز??ر جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه زرعي پيداوار ۾ وز??راعظم جي ويزن موجب اضافي ۽ ويليو چينز جي فروغ جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني. وز??راعظم کي آبادگارن جي مالي مدد جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت زرعي پيداوار جي صلاحيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زرعي پروڊڪٽ جي ويليو چين جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙي.