اسلام آ??اد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن رشڪ??ي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون جي ڪمرشل لانچ جي تقريب ۾ خاص مهمان هوندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب چائنه جي انٽرپرائيز ”سينچري اسٽيل پرائيويٽ لميٽيڊ“ جي 366 ملين ڊالر ??ي سيڙپڪاري سان تعميرات جو اڄ آغاز ٿي رهيو آهي. رشڪ??ي ترجيحي خصوصي اڪنامڪ زون چائنه پاڪستان اقتصادي لنگهه ڪلسٽر جو هڪ حصو آهي جيڪو صوبي ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، پاڪستان ۽ چائنه سي پيڪ منصوبن جي وقت سر پڄاڻي ۽ چائنه پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بي آر آءِ جي هڪ عالمي معيار جو مظهر ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، رشڪ??ي ترجي?? خصوصي اڪنامڪ زون چائنه پاڪستان اقتصادي لنگهه فريم ورڪ تحت خيبرپختونخوا حڪومت ۽ خيبرپختونخوا زون ڊولپمينٽ اينڊ مينيجمينٽ ڪمپني (ڪي پي اي زيڊ ڊي ايم سي) جو فلينگ شپ منصوبو آهي.