مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وفد سميت مشهد پهچي ويو آهي. مشهد جو ڊپٽي گورنر ۽ ڪائونسل جنرل عارف ڀٽني ايئر ??ور?? تي وفد جو استقبال ڪي??. و??د روضه امام رضا تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران روانو ??ي ويندو. سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي ??لف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران محمد صادق سنجراڻي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. ان دوري ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاران پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ سينيٽرز دلاور خان، احمد خان، محمد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.