اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا ادارا خودمختيار ۽ آئين موجب ڪم ڪري رهيا آهن، شهباز شريف جيڪڏهن سچو آهي ته پاڻ کي نيب جي س??مهون پيش ڪرڻ کان ڇو ڊڄي رهيو آهي؟ جيڪڏهن شهباز شريف سچو ته پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري. مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته شريف خاندان ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان داستان لکيا آهن. مم??ڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين آئين جي بالادستي ۽ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ هڪجهڙي قانون جي ڳالهه ڪئي ??هي. عمران خان جڏهن اقتدار ۾ نه هو تڏهن به پاڻ کي احتساب لاءِ عدالتن جي س??مهون پيش ڪيو. هن چيو ته شريف خاندانن ادارن تي دٻاءُ وجهڻ، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جا نوان دستان رقم ڪيا آهن. عمران خان پنهنجي مني ٽريل عدالت جي س??مهون رکي ۽ سپريم ڪورٽ صادق ۽ امين قرار ڏنو. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ صرف پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهي آهي، ن ليگ جي دور ۾ ڪرپشن جي بازار گرم هئي، مم??ڪتي وزير چيو ته جيڪو جيتري ڪرپشن ڪندو هو ان کي ايترو ئي وڏو عهدو ڏنو ويندو هو، وزيراعظم عمران خان ڪرپٽ مافيا سان مهاڏو اٽڪايو آهي، مم??ڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ ڪيل مهانگن معاهدن جو نتيجو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهي ??هي.