اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي)گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ ??ان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 53 فوتگيون ٿيون جنهن مان 25 فوتگيون وي??ٽي??يٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾4 هزار 40 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وي??ٽي??يٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ ??ان راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو، پشاور ۾ 38 سيڪڙو، ملتان ۾ 34 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 46 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن ب??تر?? تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ ??ان ايبٽ آباد ۾ 59، ڪراچي ۾ 60 سيڪڙو، حيدر آباد ۾ 68 سيڪڙو ۽ اسڪردو ۾ 89 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 53 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 625، پنجاب ۾ 19 هزار 506، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 53، اسلام آباد ۾ 3 هزار 89، بلوچستان ۾ 1 هزار 47، گلگت بلتستان ۾ 541، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 667 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 46 هزار 404 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??يڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽي??يٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وي??ٽي??يٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 440 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 82 هزار 298 آهي.