اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پاڪ فض??ئي?? جو سي – 130 جهاز افغانستان جي عوام لاءِ امدادي سامان جي پهرين کيپ کڻي ڪابل پهچي ويو. اهو جهاز حامد ڪرزئي ??المي هوائي ??ڏي تي لٿو. افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير من??ور احمد خان ۽ پبلڪ هيلٿ جي سينيئر آفيشل حاجي عمر امدادي سامان لاڳاپيل افغان عملدارن جي حوالي ڪيو جنهن ۾ اٽڪل 10 ٽن اٽو، ڏيڍ ٽن گيهه ۽ وڏي مقدار ۾ دوائون شامل آهن. هتي ملندڙ تفصيل موجب ان موقعي تي صحافين سان ڳاله??ئي??دي پاڪستان جي سفير من??ور احمد خان چيو ته پاڪستان پاران افغانستان جي لاءِ هنگامي امداد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هي پهرين اڏام آهي جڏهن ته بي اڏام اڄ جمعي ڏينهن قنڌار ايندي جڏهن ته ا??دادي سامان جو هڪ وڏو خوست موڪليو ويندو ۽ اهو سلسلو هاڻي جاري رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي شعبي سان گڏوگڏ خيراتي ادارن پاران خصوصي اڏامون ۽ طورخم چمن جي زميني رستن ذريعي پن امدادي سامان افغانستان آندو ويندو. هن چيو ته گذريل هڪومت جي وڃڻ کانپوءِ افغانستان ۾ يقيني طور تي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ا??غانستان ۾ هن وقت ا??غان عوام جي فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گهربل انتظامي ڍانچي جي حوالي سان عبوري سياسي سيٽ اپ قائم ڪيو ويو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته ا??و عبوري ڍانچو افغان عوام جي انساني، ترقياتي ۽ ٻين گورننس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. جيست??ئي?? مستقبل جي فريم ورڪ جو تعلق آهي طالبان چيو آهي ته ا??ي مستقل سيت ا?? قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ا??و بعد جو مرحلو آهي، هن وقت ا??غانستان ۾ انساني ۽ ترقياتي ضرورتون وڌيڪ اهم آهن. اسان عالمي برادري ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۾ آهيون. پاڪستان افغانستان جي حوالي سان تعميري پاليسي اختيار ڪئي ??هي ۽ ان جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪئي ويندڙ عالمي ڪوششن جو حصو رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان افغانستان سان معاشي ۽ علائقائي ??ابطن جي لاءِ سرگرم آهي. هن چيو ته ا??غان عوام پاڪستان پاران انساني همدردي جي بنياد تي معاونت ۽ ترقياتي ڪم تي ان جي ڪردار کي ساراهي ٿي.