اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت روانگي وا??ار ڪندڙن جي ل??ءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي، آمدني وا??ار ۽ روانگي وا??ار جي وچ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ هنگامي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي، ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي فراهمي حڪومت جي ا??لين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي روانگي وا??ا?? جو ڪاٿو وڌائڻ جي ل??ءِ حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ڪامرس ڊويزن ۽ توانائي ڊويزن جي سيڪريٽرين ۽ سينيئر اهلڪارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي موجوده روانگي وا??ار جي ڪاٿي ۾ مجموعي طور تي 30 ارب ڊال?? جو اضافو ممڪن آهي. روانگي وا??ار وڌائڻ جي ڏس ۾ ممڪن طور تي آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، دوائن، پولٽري، چانور، ڀاڄين ۽ ميون، چمڙي، لوڻ، سنگ مرمر، سرامڪس ۽ سرجيڪل اوزارن سميت 19 مصنوعات تي ڌيان ڏي?? جي ضرورت آهي. ڪامرس ڊويزن ٻڌايو ته سمورن حصيدارن بشمول صنعتڪارن، برآمد ڪندڙن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن سان مشاورت جو عمل جاري آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورا معاشي اشارا مثبت رخ ۾ وڌي رهيا آهن، جڏهن ته آمدني وا??ار ۽ روانگي وا??ار جي وچ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ هنگامي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. حڪومت برآمد ڪندڙن جي ل??ءِ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪامرس ڊويزن کي هدايت ڪئي ته پرڏيهه ۾ مقرر پاڪستان جي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرن جي ل??ءِ هدف متعين ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪامرس ڊويزن ايندڙ ٻن هفتن ۾ اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ فريم ورڪ منظوري جي ل??ءِ پيش ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان روانگي وا??ار ۾ اضافي جي ڏس ۾ مارڪيٽ ۽ مصنوعات ۾ واڌ آڻڻ موجوده حڪومت جي ا??لين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ڪاروباري برادري ۾ بيشمار پوٽينشل موجود آهي. ڪاروباري برادري کي موزون ماحول ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي فراهمي حڪومت جي ا??لين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاروباري برادري جي مشاورت سان پاليسين جي جوڙجڪ جي فلسفي تي عمل پيرا آهي ۽ حڪومت ۽ انڊسٽري جي مضبوط پارٽنرشپ جو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته جتي هڪ طرف حڪومت ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي اتي حڪومت ڪاروباري برادري کان اميد ڪري ٿي ته اها ان موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏي.