اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڪرغزست??ن ۾ مقرر پاڪستاني سفير سردار اظهر طارق خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، سردار اظهر طارق گذريل ٻن سالن دوران کنيل سفارتي قدمن، رابطن جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ سفار??خا??ي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي مفيد بريفنگ ڏني.
پرڏيهي وزير چيو ??ه پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، جڏهن ??ه پاڪستاني شاگردن جو وڏو تعداد ڪرغزست??ن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو،
ڪرغزست??ن ۾ مقرر پاڪستاني سفير سردار اظهر طارق خصوصي هدايتن تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندا پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.