اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر موذي مرض آهي هر سال هزارين عورتون وقت سر سڃاڻپ ۽ آگاهي نه هجڻ جي ڪري پنهنجي زند??ين تان هٿ ڌوئي ويهنديون آهن، سڀني کي گذارش ڪريان ٿي ته ان مرض جي علامت جي باري ۾ ڄاڻين. ڇاتي جي ڪينسر ج?? آگاهي مهم جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڇاتي يا ان جي پاسي ۾ ڦرڙي يا ڪنهن به قسم جي غير معمولي تبديلي جي صورت ۾ ??ور?? سان ??اڪ??ر سان رابطو ڪيو، بيگم ثمينه علوي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته هو آڪٽوبر ج?? مهيني ۾ ڇاتي جي ڪينسر ج?? باري ۾ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته صحتمند زندگي لاءِ وقت سر سڃاڻپ ضروري آهي.