فيصل آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ملڪ ۾ تعليمي ترقي جي لاءِ انتهائي سنجيده آهي ۽ ان ڏس ۾ نه رڳو سمورا وسيلا ۽ هر ممڪن ذريعا استعمال ۾ آندا پيا وڃن، هڪ جهڙو نصاب ۽ تعليمي نظام لاڳو ڪرڻ انهن جي ويزن موجب ح??ومت جو شاندار قدم آهي جنهن سان ??مورن طبقن جي ٻارن کي هڪ جهڙي تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ملندا، ان کان ??ڳ ملڪ ۾ مختلف طبقن جي لاءِ مختلف تعليمي نصاب لاڳو هو جنهن سان ??بقاتي ورڇ وڌندي پئي وئي ۽ معاشري ۾ مختلف ڪلاسز کي دوام ملي رهيو هو پر هاڻي هڪ جهڙو نصاب ۽ تعليمي نظام لاڳو ٿيڻ سان ??ها ورڇ ختم ٿيندي جيڪو انتهائي مثبت قدم آهي. هو گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج آف سائنس سمن آباد فيصل آباد ۾ هڪ ڪروڙ 90 لک رپين جي لاڳت سان ??عمير ٿيندڙ ملٽي پرپرز هال جي پيڙهه جو پ??ر ۽ 82 شاگردن ۾ 25 هزار رپيا في ڪس جي حساب سان ??حمت للعالمين اسڪالرشپس ورهائ?? واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات واري مملڪتي وزير جو ڀاءُ نبيل ارشد، اداري جو پرنسپل شفقت علي شاهد، وائيس پرنسپل اصغر علي گل، فيڪلٽي ميمبر، استاد، انتظامي عملدار ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته ڄاڻايل ڪاليج ۾ گهڻ مقصد هال جي پيڙهه جو پ??ر رکي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي ڇو ته هي هڪ پراڻي ۽ بهترين درسگاهه آهي جتي شاگردن جو انگ به 5 هزار کان وڌيڪ آهي ان لاءِ ان ??ي خواهش آهي ته ان ??اريخي ڪاليج کي جلد يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي جنهن جي لاءِ هو وزيراعظم عمران ??ان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان ??وزدار سان ڳالهه ڪري منظوري حاصل ڪندو. هن چيو ته هو هن اداري ۾ سمورين سهولتن جي دستي??بي يقيني بڻائيندو. فرخ حبيب چيو ته ربيع الاول جو مهينو اسان ??ي لاءِ انتهائي مقدس ۽ رحمتن ۽ ٻرڪتن وارو مهينو آهي ڇو ته ان ۾ اسان ??ي نبي آخرالزمان ﷺ جي ولادت باسعادت ٿي انهي لاءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ عشره رحمت للعالمين انتهائي عقيدت ۽ احترام، مذهبي جوش ۽ جذبي ۽ شايان ??ان ??ريقي سان ملهايو ويو. هن چيو ته اسوه حسنه ئي دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿيڻ جو واحد رستو آهي ان لاءِ اسوه حسنه اختيار ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جا نتيجا جلد سامهون ايندا. هن چيو ته حڪومت ربيع الاول جي مناسبت سان ميرٽ تي رحمت للعالمين اسڪالرشپس ورهائي رهي آهي اهڙي طرح وفاقي حڪومت جي احساس پروگرام تحت 50 هزار اسڪالرشپس ورهايون پيون وڃن ته جيئن 45 هزار رپيا يا ان کان گهٽ آمدني وارا جيڪي ماڻهو پ??هنجي ٻارن کي يونيورسٽين ۾ تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا انهن جو تعليم جو سمورو خرچ حڪومت کڻي سگهي اهو ئي نه پر انهن جون سموريون فيسون ۽ تعليمي خرچ به حڪومت ادا ڪندي.