اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته کنڊ جي ??يمت هڪدم سان 140 تائين پهچي وئي آهي، پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته سنڌ ۾ 3 شگر ملز بند ڪيون ويون آهن جنهن جي ڪري پنجاب جي شگر ملز ذخيره اندوزي شروع ڪري ڇڏي، شگر ملن اسٽي آرڊر وٺي رکيا آهن، حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، ڪورونا وائرس جي ??با جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي، پاڪستان به ان کان متاثر ٿيو آهي، عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي ??اءِ قدم کڻي رهيا آهيون، 13 ڪروڙ ماڻهن کي احساس راشن پروگرام تحت ضرورت جي شين تي سبسڊي ڏينداسين، شگر ملز اسٽي آرڊر وٺي رکيا آهن، ملون بند ۽ ذخيره اندوزي جي ڪري کنڊ جي ??يمت وڌائي آهي، پنجاب حڪومت فوري طور تي اسٽي آرڊر ختم ڪرائي، مارچ تائين پنجاب ۾ هر شهري وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو، اسان ايندڙ نسلن جي ??اءِ سوچي رهيا آهيون، تنقيد ڪندڙ 5 سالن کانپوءِ اسان جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن، پٺتي پيل علائقن جي حالت بدلائي ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماءُ ٻار اسپتال جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ جي ??وقعي تي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ماءُ ٻار اسپتالن جي ڏورانهن علائقن ۾ سخت ضرورت آهي. پنجاب جي ??ڏي وزير ۽ پنجاب جي صحت واري وزير کي ان اسپتال جي ??نصوبي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ويم دوران عورتن جي ??وت جي شرح تمام وڌيڪ آهي. جيڪڏهن حڪومت عورتن کي ويم دوران علاج جي سهولت فراهم نه ٿي ڪري سگهي ته اها وڏي شرم جي ڳالهه آهي. ڏورانهن علائقن ۾ عورتن کي صحت جي سهولتن جو مسئلو درپيش آهي. پنجاب ۾ 5 ماءُ ٻار اسپتالون ٺاهي رهيا آهيون. هر حڪومت جون پنهنجون ترجيحون هونديون آهن. اسان جي ترجيح اها آهي ته پنهنجي اقتدار جي 5 سالن دوران انهن علائقن کي ترقي ڏيون جيڪي ماضي ۾ پٺتي رهجي ??يا. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ سمورن علائقن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ جڏهن اسان جي حڪومت ٺهي ته ٽن سالن تائين اسان اهي طعنيٰ ٻڌندا رهياسين ته ڪٿي آهي نئون خيبرپختونخواهه؟ 30 سال اڳ اسان ننڍي کنڊ ۾ اڳتي هئاسين، گذريل 30 سالن دوران ملڪ ڀارت ۽ بنگلاديش کان پٺتي هليو ويو ۽ ٻه حڪمران خاندان امير ترين ٿيندا ويا. هن چيو ته جهڙي طرح اسان 5 سالن ۾ نئون خيبرپختونخواهه ٺاهيو ان جي ??تيجي ۾ صوبي جي عوام اسان کي ٻيهر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو. يو اين ڊي پي جي سروي موجب 2013ع کان 2018ع دوران خيبرپختونخواهه اهو صوبو هو جتي غربت جي شرح باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿي. عوام اسان کي ان لاءِ ووٽ ڏنو ڇو ته ان جي زندگي ۾ فرق آيو. اسان صحت ڪارڊ متعارف ڪرايو، سياحت کي وڌايو، تعليم جي ??ظام کي بهتر ڪيو. پنجاب جي ??ڏي وزير تي تنقيد ڪندڙ 5 سالن کانپوءِ اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. 5 سالن کانپوءِ فيصلو ٿيندو ته غربت ۾ گهٽتائي آئي؟ عام ماڻهو جي زندگي بهتر ٿي؟ اسان جي حڪومت عام ماڻهو جي ??شڪلاتن کي حل ڪرڻ جي ??اءِ قدم کنيا ۽ اهڙا منصوبا ٺاهيا جن جو فائدو ايندڙ نسلن کي به ٿيندو. ملڪ ۾ 50 سالن کانپوءِ په??يو?? ڀيرو ڊيم ٺهي رهيا آهن. 10 سالن ۾ 10 ڊيم تعمير ڪيا ويندا ڇو ته سڄي دنيا ۾ پاڻي جو مسئلو اچي رهيو آهي. اهي ڊيم ماضي ۾ ٺهڻ گهرجن ها پر ڪنهن ڌيان نه ڏنو. په??يو?? ڀيرو ملڪ ۾ اهڙي حڪومت آئي آهي جنهن ايندڙ نسلن جو سوچيو آهي. ملڪ ۾ هاڻي صنعتون ترقي ڪري رهيون آهن. معيشت بهتر ٿي رهي آهي. سمنڊ پار پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ مان سڀ کان وڌيڪ پئسو موڪلي رهيا آهن. هاڻي اسان اهڙا منصوبا آڻي رهيا آهيون جن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سيڙپاري ڪندا جنهن سان دولت جي ??يداوار ۾ اضافو ٿيندو. اسان ماحوليات جي شعبي ۾ خصوصي ڌيان ڏنو آهي. 10 ارب وڻ لڳائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن مان اڍائي ارب لڳي چڪا آهن. نيشنل پارڪس جي انگ کي ٻيڻو ڪيو پيو وآڃي. ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هو ته سمورن شهرين جي ??اءِ هيلٿ انشورنس جي ??فت سهولت حاصل ٿيندي. حڪومت صحت ڪارڊ جي ذريعي هر خاندان کي 7 کان 10 لک رپين جي انشورنس فراهم ڪندي. اهڙو پروگرام ترقي يافته ملڪن ۾ به نه آهي. ٽن سالن ۾ ان جي ??اءِ 330 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. خيبرپختونخواهه ۾ سمورن شهرين کي اها سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي. پنجاب ۾ مارچ تائين هر شهري کي هيلٿ انشورنس حاصل هوندي ۽ ان جي ذريعي ڪنهن به اسپتال مان علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندو. وزيراعظم چيو ته هيلٿ ڪارڊ رڳو هڪ ڪارڊ نه آهي پر صحت جو هڪ پورو نظام آهي. پرائيويٽ سيڪٽر مان ماڻهو ڳوٺن ۾ وڃي اسپتالون ٺاهيندا. هينئر ڪير ڳوٺ ۾ وڃي اسپتال نه ٿو ٺاهي ڇو ته ڳوٺن ۾ ماڻهن وٽ علاج جي ??اءِ پئسا نه هوندا هئا. اسان اسپتالن جي تعمير جي ??اءِ سستي زمين فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو مسئلو سڄي دنيا ۾ آهي گذريل 100 سالن ۾ ڪورونا وائرس جي ??با جهڙو ڪو بحران نه آيو. ڪورونا وائرس جي ??با جي ڪري سڄي دنيا ۾ سپلائي ۽ واپار متاثر ٿيو آهي، اڳ ۾ پيٽرول جي ??يمت هيٺ ڪري ۽ هاڻي ان ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي. هاڻي پيٽرول 45 مان 85 ڊالر في بيرل تي هليو ويو آهي. پيٽروليم جي ??يمتن ۾ اضافي سان هر شيءَ مهانگي ٿي وڃي ٿي. مال بردار سامونڊي جهازن جا ڪرائي وڌي وڃن ٿا. بجلي به مهانگي ٿي وڃي ٿي ۽ دالين، گيهه سميت سمو??يو?? شيوم جيڪي مال بردار سامونڊي جهازن ذريعي پاڪستان ۾ اچن ٿيون اهي به مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. ٽرانسپورٽيشن جي ??اڳت به وڌي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا مهانگائي کان متاثر ٿي آهي. ڀارت ۾ به گوڙ متل آهي. ڀارت ۾ پيٽرول جي ??يمت 250 رپيا جڏهن ته بنگلاديش ۾ 212 رپين تائين هلي وئي جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ پيٽرول جي ??يمت 146 رپيا آهي. سڀ کان سستو پيٽرول، ڊيزل پاڪستان ۾ آهي ڇو ته حڪومت ان تي ٽيڪس ۽ ليويز گهٽ ڪيو آهي. حڪومت 2 ڪروڙ خاندانن جي 13 ڪروڙ ماڻهن کي احساس راشن پروگرام تحت ضرورت جي شين تي سبسڊي فراهم ڪندي. صوبا ۽ مرڪز گڏجي 120 ارب رپيا فراهم ڪندا. وزيراعظم چيو ته ڪامياب پروگرام تحت 20 لک کي بنا وياج قرض ڏنو ويندو. گهرن جي تعمير لاءِ 20 لک بنا وياج قرض ڏنا ويندا. عوام کي مشڪل مان ڪڍڻ ۾ مدد ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي ??يمت هڪدم سان 140 تائين پهچي وئي آهي، جڏهن مون معلوم ڪرايو ته خبر پئي ته سنڌ ۾ 3 شگر ملز بند ڪيون ويون آهن جنهن جي ڪري پنجاب جي شگر ملز ذخيره اندوزي شروع ڪري ڇڏي. مون کي ٻڌايو ويو ته جولاءِ کان شگر ملن اسٽي آرڊر وٺي رکيا آهن ۽ حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي. چٽاڀيٽي ڪميشن جيڪو شگر ملز تي ڪارٽل ٺاهي قيمتون وڌائڻ تي ڏنڊ هنيو هو، ان تي به شگر ملز مالڪن اسٽي وٺي رکيا آهن، ان کانسواءِ ايف بي آر کي 500 ارب رپين جو ڏنڊ وصول ڪرڻو هو ان تي به شگر ملز اسٽي وٺي ڇڏيو آهي. وزيراعظم پنجاب جي ??ڏي وزير کي هدايت ڪئي ته هو قانون واري وزير ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سان گڏجي ان معاملي تي فوري ڪارروائي ڪن ۽ اسٽي آرڊر به ختم ڪرائين. شگر ملز مالڪ عوام جي چيلهه ٽوڙي اربين رپيا ڪمائي وٺن ٿا ۽ جڏهن حڪومت ڪا ڪارروائي ڪري ٿي ته اسٽي آرڊر وٺي اچن ٿا.