اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ماضي ۾ چوري ۽ ڪرپشن کي برائي سمجهيو ئي نه ويو، وزيراعظم ۽ وزيرن کان جڏهن ڪرپشن شروع ٿئي ته هيٺ تائين هلي وڃي ٿ??، ڪرپشن سان قومن جي ??خلاقيات تباهه ٿي وڃي ٿ??، جيڪو شخص حق تي بيٺل هجي ??ن جي ??اقت کي ڪڏهن گهٽ نه سمجه?? گهرجي، وڏو انسان اهو هوندو آهي جنهن جو خواب وڏو هجي، انصاف نه ڪندڙ قومون مٽجي وينديون آهن، نبي ڪريم ﷺ پنهنجي مثال سان مديني جي ??ياست ۾ اخلاقي قدرن کي بلند ڪيو، اسان کي اسلامي اڪابرين جي ??ندگي جي مطالعي جي ??رورت آهي، اميد آهي ته نوان آفيسر ملڪ کي عظيم بڻائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊمنسٽريٽو سروس جي 44 هين خصوصي تربيتي پروگرام جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ انسان کي مختلف حوالن سان آزمائيندو آهي، انسان جو اصل امتحان تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ان تي ڪا آزمائش اچي ٿ??، سول سروس جي ??روعات ڪندڙن جو اصل امتحان هاڻي شروع ٿيو آهي، آزمائش ۾ ئي خبر پوندي آهي ته ايمان ڪيترو مضبوط آهي، مستقبل هاڻي توهان جي ??ڏو آهي، هاڻي توهان کي موقعو مليو آهي، ڏسڻو آهي ته توهان ڪيترا وڏا انسان بڻجو ٿا، وڏو انسان اهو ئي هوندو آهي جنهن جو خواب وڏو هجي، ايمان سڀ کان وڏي قوت آهي، الله تعاليٰ جي ??ات تي ايمان انسان کي آزاد بڻايو، نوجوانن کي اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪر?? گهرجي ??ه حضور اڪرم ﷺ جي وصال کانپوءِ 20 سالن جي ??ندر مسلمانن پوري دنيا کي فتح ڪيو ۽ اهو ايمان جي قوت جي ڪري ئي ممڪن ٿيو، اقبال جيڪو شاهين جو تصور ڏنو آهي ان مان به اها ئي مراد آهي ته شاهين دنيا جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏي ٿ?? ۽ ان جي ??ستي ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿي بيهي. وزيراعظم چيو ته انسان کي پنهنجي ??ندگي ۾ ٻن رستن مان هڪ رستي جي چونڊ ڪرڻ?? پوندي آهي، هڪ رستو ڪاميابي ۽ ٻيو رستو تباهي جو هوندو آهي، هڪ رستو بظاهر مشڪل لڳندو آهي پر اهو ئي ڪاميابي طرف وٺي ويندو آهي جڏهن ته ٻيو رستو مختصر ۽ شارٽ ڪٽ جو رستو هوندو آهي، انهن ٻنهي رستن مان هڪ رستي جي چونڊ ئي انسان کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ اختيار ڪرڻو پوندو آهي، حضور اڪرم ﷺ اسان کي ڪاميابي جو رستو ڏيکاريو ۽ انهن کي جيڪا عظمت ملي آهي اها نه اڳ ۾ ڪنهن جي ??صي ۾ آئي آهي ۽ نه ئي ايندي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ جي ??سان جي ??ور ۾ ڏکڻ آفريقا تي نسلي امتياز جي ڪري پابنديون هيون ۽ اتي کيڏڻ جي لاءِ وڏي رقم جي ??ڇ ڪئي ويندي هئي پر انهن جي ??ڇ قبول ڪرڻ انهن جي پاليسي کي تسليم ڪرڻ جي ??رابر هو، چين جي ??ڳوڻي صدر چيئرمين مائو پاڪستانين ۾ الله تعاليٰ جي ??وف جي ڪري پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ قرار ڏنو هو ۽ ان جو چوڻ هو ته جيڪا قوم سخت گرميءَ ۾ رمضان ۾ روزي جي ??الت ۾ پاڻي نه ٿي پيئي، اها الله جي ??وف کان سچ به ڳالهائي سگهي ٿ?? ۽ اها چوري به نه ڪندي، اها قوم تمام عظيم آهي جنهن کي خدا جو خوف هجي. هن چيو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ ملڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو ۽ عظيم ملڪ بڻجي ??هيو هيو ۽ پاڪستان جي ??يوروڪريسي پنهنجي معيار، لڳاءُ ۽ عزم جي ڪري ان وقت پوري ايشيا ۾ بهترين سمجهي ويندي هئي پر آهستي آهستي اسان جي ??خلاقيات هيٺانهين جو شڪار ٿي وئي، اڳ ۾ اخلاقي تنزلي ايندي آه?? پوءِ اخلاقي تباهي جو قومون شڪار ٿينديون آهن، سمورن غريب ملڪن ۾ بدعنواني هڪ گڏيل مسئلو آهي ڇو ته اتي اخلاقي قدر ڪمزور هوندا آهن، امير ترين ملڪن ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ اخلاقي قوت موجود هوندي، جيڪو انسان اخلاقي طور تي ڪمزور هوندو اهو انصاف به نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهو پوءِ اين آر او ڏي ٿ?? ۽ چورن سان ڊيل ڪري ٿ??. وزيراعظم چيو ته جيڪا قوم انصاف نه ٿي ڪري سگهي اها تباهه ٿي وڃي ٿ??، نبي پاڪ ﷺ جو فرمان آهي ته سماجي فرق ڪندڙ قومون تباهه ٿي وينديون آهن، نبي ڪريم ﷺ پنهنجي مثال سان مديني جي ??ياست ۾ اخلاقي قدرن کي بلند ڪيو. هن چيو ته 80ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان هندستان کان امير ملڪ هو پر آهستي آهستي اهو اسان کان اڳتي نڪري ويو، بنگلاديش به ترقي جي ڊوڙ ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري ويو، ماضي ۾ پاڪستان ۾ چوري ۽ ڪرپشن کي برائي سمجهيو ئي نه ويو، جڏهن اشرافيه جي ??خلاقيات هيٺ ڪري ٿ?? ته پوءِ سڄي ملڪ جي ??خلاقيات تنزلي جو شڪار ٿئي ٿ?? پوءِ رڳو پٽواري ۽ ٿاڻيدار کي ئي ڪرپشن جوا لزام نه ڏي?? گهرجي، وزيراعظم ۽ وزيرن کان جڏهن ڪرپشن شروع ٿئي ته اها هيٺ تائين وڃي ٿ??. هن چيو ته الله تعاليٰ جي ??وف کان سچ ۽ حق جي ??ستي تي بيٺل رهندڙن جو اخلاقي معيار تمام بلند هوندو آهي، اسان کي اسلامي اڪابرين جي ??ندگي جي مطالعي جي ??رورت آهي، جيڪو شخص حق تي بيٺل هجي ??ن جي ??اقت کي ڪڏهن گهٽ نه سمجهيو، هڪ ايماندار ٿاڻيدار پوري ٿاڻي ۽ هڪ ايماندار ايس پ?? پوري ضلعي کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿ??، پنهنجي ??هدي جو جيڪڏهن صحيح ۽ انصاف سان استعمال ڪيو ويندو ته پوءِ مشڪل رستو به آسان ٿي ويندو، حق جي ??اءِ واري زندگي مشڪل ضرور هوندي آهي پر اها ئي انسان جي ??ظمت جو رستو هوندي آهي. وزيراعظم آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اميد ڪريون ٿا ته اهي ملڪ کي عظيم بڻائيندا.