اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن کي اوو??سي?? پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي ??ءِ برطانيه جي صدر عبدالستار رانا ۽ سينئر نائب صدر ملڪ عمران خليل ملاقات دوران ڪيو جنهن مملڪتي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اوو??سي?? پاڪستانين جي مسئلن جي حل، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني ??شن?? جي ڪردار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي ??ءِ برطانيه جي عهديدارن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جو ٿورو ادا ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ سمورين حڪومتن کي اوو??سي?? پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو کين ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا،. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان 90 لک اوو??سي?? پاڪستانين سان اليڪشن کان اڳ جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪري ڏيکاريو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان برطانيه سميت سڄي دنيا ۾ قائم پاڪستاني ??شن?? کي واضح هدايتون ڏئي رکيون آهن ته پاڪستانين جي مسئلن کي فوري حل ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. عبدالستار رانا چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ، پنهنجو گهر اسڪيم جهڙا پروگرام جاري ڪرڻ تي پي ٽي ??ءِ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. ملڪ عمران خليل چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان کي ووٽ ڏيندا، پي ٽي ??ءِ برطانيه جي قيادت اوو??سي?? پاڪستانين جي لاءِ پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي لاءِ آٽوميشن نظام متعارف ڪرائڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته پاور آف اٽارني جي آن لائين تصديق ۽ جاري ڪرڻ سان هزارين سمنڊ پار پاڪستانين جو فائدو ٿيندو. پراڻي ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ ملڪ ۾ تبديلي نه چاهيندا هئا.