لاهور-15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ترجمان ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مون ٻن ڏهاڪن تائين آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پڙهايو آهي ۽ جڏهن مان آمريڪي ۽ پاڪستاني شاگردن وچ ۾ ڀيٽ ڪندو آهيان ته مون کي پن??نج?? وطن ۾ وڌيڪ ٽيلنٽ ۽ صلاحيتون نظر اچن ٿيون. اولهه جي تعليمي ادارن جو نظام مستحڪم آهي ج??هن سان ان جي آئوٽ پٽ وڌيڪ آهي. هو لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خط??ب ڪري رهيو هو. شهباز گل چيو ته وزيراعظم عمران خان ادارن کي ترقي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو، لاهور ۾ سمارٽ بزنس سٽي ۽ رودا جي نالن سان جديد تقاضائن سان هم آهنگ ادارا بڻجي رهيا آهن، جنهن مان لکين نوڪريون پيدا ٿينديون. هن چيو ته لاهور ڪاليج جي 30 شاگردن کي انهن ادارن ۾ نوڪري ڏيڻ جو وعدو ڪريان ٿو، ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جلد لاهور ڪاليج جي شاگردن کان انٽرويو شروع ڪندي. هن چيو ته اسان جي حڪومت رحمة للعالمين اٿارٽي ج??ڙي، اٿارٽي جا ڪجهه منصوبا جي سي يونيورسٽي ۽ لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيا ويندا. اڄ شاگردن پن??نج?? والدين ۽ پن??نج?? اداري ج?? نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته مان جڏهن پروفيسر هئس ته ماڻهو پُڇندا هئا ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آهي ته مان چئي نه سگهندو هئس ته ڪهڙو ڊسيپلين سٺو آهي، ڇاڪاڻ ته هر ??سيپلين سٺو هوندو آهي، هر شعبي ج?? تعليم اهم آهي، معاشري ۾ عورت جي تعليم تمام ضروري آهي. 16 ڪانوويڪشن ۾ سال 2019ع جي 2563 ۽ سال 2020ع جي 2943 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون پيون وڃن.