اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين انهن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشمير جي خودمختياري واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشمير عوام اڄ خودمختياري جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي اڄوڪي ڏينهن تي قرارداد جي ذريعي ڪشميري عوام کي اهو حق ڏنو هو ته هو پنهنجي م??ضي موجب پنهنجي م??تقبل ج?? فيصلو ڪري سگهن ٿا. اڄ ڪشميري عوام سان ڪيل واعدي کي 73 سال گذري و??ا پر افسوس ته اهو واعدو اڃان تائين پورو نه ٿي سگهيو. چوڌري فواد حسين چيو ته گڏيل قومن جي قرارداد جا 73 سال پورا ٿيڻ تي ڀارت ڪٺ پتلي حد بندي ڪميشن جي خلاف احتجاج روڪڻ لاءِ ڪشميري قيادت جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي، ڀارت ڪشمير کي هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي م??ڻهن کي گرفتار ڪرڻ، حريت اڳواڻن کي نظربند ڪرڻ ۽ ڪرفيو ۽ پابنديون لڳائڻ روز جو معمول بڻجي و??و آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪسمير جي حد بندي م??هب جي بنياد تي تبديل ڪ??ڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي رهيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام تي بدترين مصيبتون ۽ ظلم ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جا منتظر آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجا واعدا پورا ڪري. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ان عزم جو اظهار ڪريون ٿا ته پاڪستان ڪشميرين کي جائز حق ملڻ ۽ آزادي جي جدوجهد جي ڪاميابي تائين ان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.