اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ اڄ جو آبادگار ٽريڪٽر ٽرالي احتجاج سنڌ حڪ??مت جي خلاف هو. فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري ۽ مزدور بکيو سمهي رهيو آهي ته ان جي ذميدار به پيپلزپارٽي ئي آهي. مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ تي حڪ??مت ڪري رهي آهي پر آبادگارن جي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. هن چيو ته سنڌ جا غريب آبادگار ۽ هاري بلاول کان پڇي رهيا آهن ته ڪينال ??ان سڌو سنئون 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڇو ڏنا ويا آهن، مملڪت?? وزير چيو ته بدقسمتي سان اڄ به سنڌ ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو مل??، پرچي چيئرمين ٻڌائي ته سکر ۽ ڪوٽڙي سميت سنڌ ۾ پاڻي چور ڪير آهن؟ مملڪت?? وزير چيو ته سنڌ حڪ??مت جي نااهلي جي ڪري بدين ۽ ٺٽي ۾ سرسبز ٻنيون ٻا??ا بنجر بڻجي ويا آهن ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام، هڪ ظالماڻو نظام بڻجي چڪو آهي.