اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن پ??هنجي هڪ بيان ۾ چيو ته باقي بچيل چند دهشتگردن جون اهي بزدلاڻيون ڪارروايون آهن، کين ڪٿي ب?? لڪڻ نه ڏينداسين. مملڪتي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز ??لڪ جي ??ر حصي مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، شهيد اسان جا هيرو آهن انهن جو خون رائيگان نه ويندو. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي شهيدن جي ب??ند درجن لاءِ دعاڳو آهيون.