اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ??ي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي س??وس جو درجو ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بي آر ??ي کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ??ي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي س??وس جو درجو ڏيندي 100 مان 97 نمبرز ڏنا ويا آهن جنهن جو مطلب آهي ته اها س??وس اٽڪل هر لحاظ کان عالمي معيارن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پشاور بي آر ٽي شهر ۾ عوامي چرپر جي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، آگسٽ 2020ع ۾ ان جي شروعات کان هيستائين 71 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ان مان فائدو کڻي چڪا آهن. روزاني جي بنياد تي اڍائي لک کان وڌيڪ شهري ان تي سفر ڪن ٿا جن مان 20 سيڪڙو عورتن کانسواءِ 60 سيڪڙو جو تعلق گهٽ آمدني واري طبقي سان آهي.