اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته 6 سال اڳ اڄ جي ڏينهن پاڪستان آرمي ڀارت جي حا??ر سروس آفيسر ڪلڀوشن ياديو کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو، ڪلڀوشن بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو ماسٽر مائنڊ هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چو??ري فواد حسين چيو ته ان گرفتاري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي.