اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ??لوچستان جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، بلوچستان جي باصلاحيت نوجوان افرادي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص معاون نوابزاده شاهه زين بگٽي سان ڳاله??ئي??دي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي اندروني طور تي بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) جي مسئلن ۽ ان??ن جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.