اسلام آب??د ?? 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر ناڪام آهي، اها پهرين به ناڪ??م ٿي هاڻي به ناڪ??م ٿيندي، ان جي ايجنڊا رڳو پنهنجي ڦرلٽ ۽ چوري کي بچائڻ آهي، مخالف ڌر وٽ نمبر پورا نه آهن، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري فالودي واري، پاپڙ واري ۽ مقصود چپڙاسي جهڙن ڪردار?? کي بچائڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام سان انهن جو ڪو به تعلق نه آهي. عوام جي لاءِ انهن جي ڪا به جدوجهد نه آهي، 40 سالن کان اهي ملڪ کي ڦريندا رهيا آهن، هاڻي به هو اهڙي طرح جي بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آهن، اسان نه اڳ ۾ مخالف ڌر کان بليڪ ميل ٿيا آهيون ۽ نه هاڻي انهن کان بليڪ ميل ٿينداسين لکي وٺو. انه?? کي ناڪ??م ٿيڻو آهي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ فيصلا به ڪندو، جنهن جو نظريو ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو پئسو بچائڻ هجي ان مخالف ڌر مان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪنداسين. اهي اڳ ۾ به عمران خان سان گڏ هئا ۽ هاڻي به گڏ آهن. موقف سان اختلاف ٿي سگهي ٿو اسان سڀني جو موقف ٻڌنداسين ۽ خدش?? کي ختم ڪنداسين. وقت ايندو ته مخالف ڌر جي حمايت ڪندڙ اميدوارن جو انگ سامهون اچي ويندو.