اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر گهٻرائٽ جو شڪار آهي، فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ زرداري اسان جي ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهڙي لوٽاڪريسي کي عوام سختي سان رد ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان نه اڳ ۾ بليڪ ميل ٿيو هو ۽ نه هاڻي ٿيندو، وزيراعظم جا تازا جلسا ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته عوام ان تي مڪمل اعتماد ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي ??جلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪور ڪميٽي وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ڪور ڪميٽي ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال، خاص طور تي بي اعتمادي رٿ جي ??والي سان معاملا بحث هيٺ آيا، ان کانسواءِ اسان جي ??ياسي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته بي اعتمادي رٿ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ٿي آهي. بي اعتمادي رٿ ستل شينهن کي اٿاري ڇڏيو آهي. اڄ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن عمران خان جي ڪال جا منتظر آهن. هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ڪڏهن بليڪ ميل ناهي ٿي، ٽن ڄڻن جي ٽولي جو اهو آخري حربو هوندو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان چوڌري شجاعت حسين کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، مسلم ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪيو آهي. سڀئي اتحادي اسان سان گڏ رهندا، حڪومت، سياست ۽ مستقبل اسان وٽ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ واحد وفاقي پارٽي تحريڪ انصاف آهي، عمران خان واحد وفاق جو اڳواڻ آهي، انهي جي ڪري مخالف ڌر جون ڪانپين ٽانگ رهيون آهن، مخالف ڌر اسان جو مقابلو ڪرڻ کان پهرين عوامي ريفرنڊم ڏسي وٺي، ماڻهو ڪٿي بيٺل آهن، فضل الرحمان، شهبازشريف ۽ زرداري ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام اهڙي طرح جي لوٽاڪريسي کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي ??ن ميمبرن کي آڇ ڪئي وئي انهن پارٽي ۾ اچي اسان کي ٻڌايو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته سڄي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند هئي، اڄ ملڪ ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي آهي، صحت ڪارڊ سان ماڻهن کي صحت جون سهولتون ميسر آيون آهن. تعميراتي شعبي ۾ ترقي ٿي آهي. تحريڪ انصاف رڪارڊ سڌارا ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن چيو ته اسان جو مقابلو انهن ماڻهن سان آهي جن جي ??ول?? ٻاهرين ملڪ پيل آهي. آصف زرداري، نواز شريف ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن کي ڊپ آهي ته ڪٿي انهن جي ٻاهرين ملڪ دولت ضبط نه ٿي وڃي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اڄ آزاد پرڏيهي پاليسي تي گامزن آهي. اڄ پاڪستان کي ڪير ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي ??رئت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي، اسان جي ??واهش آهي ته اهڙو شيڊول جوڙيون جو او آءِ سي اجلاس متاثر نه ٿئي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي ??ستي تي گامزن آهي، تحريڪ انصاف جي ??وورسيز ڪنوينشن ۾ پوري دنيا کان پاڪستانين شرڪت ڪئي. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد صاحب اسان جو اتحادي آهي، ڪالهه هن پنهنجي ??يان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبرن جي ??واهش آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. اجلاس گهرائڻ جو فيصلو اسپيڪر کي ڪرڻو آهي چاهيون ٿا ته قومي اسيمبلي جي ??جلاس جو شيڊول او آءِ سي ڪانفرنس سان ٽڪراءُ ۾ نه هجي، انهن مشڪرن جي ??ها آخري راند آهي، اڳئين چال اسان هلنداسين، اطلاعات واري وفاقي وزير صحافين جي ??والن جي ??واب ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو اهڙو ميمبر نه آهي جيڪو ان موقعي تي عمران خان سان غداري ڪندو. اسان جي هڪ ميمبر کي 16 ڪروڙ ۽ هڪ کي 20 ڪروڙ روپين جي ??فر ڪئي وئي، هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪو به ناراض نه آهي، گلا شڪوه ٿيندي رهندي آهي، پر سڀ گڏ آهيون، توهان مخالف ڌر کي هٿ مهٽيندي ڏسندا.