اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڊجيٽل آدم شماري مڪمل نه هجڻ جي ڪري تڪ ب??دين جو ڪم مڪمل نه ٿي ??گه??و، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ پُرعزم آهي، ٻيا ادا??ا ۽ شخصيتون به تنقيد براءِ تنقيد بدران پنهنجون آئيني ذميداريون پوريون ڪن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ميڊيا تي نشر ٿيندڙ ڪجهه اڳوڻن وزيرن، عهديدارن سميت شاهه محمود قريشي، شيرين مزاري، فواد چوڌري ۽ فرخ حبيب جي بيانن تي وضاحت ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي سمورين آئيني ۽ قانوني ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ آئين ۽ قانون موجب عام چونڊون ڪرائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي ۽ سدائين پنهنجا سمورا آئيني معاملا انجام ڏيندي پئي اچي. اڳوڻي فاٽا جي خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيڻ ۽ اتي جون سيٽون 12 کان گهٽ ڪري 6 سيٽون ڪرڻ ۽ انهن کي خيبرپختونخوا ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جا تڪ 272 کان گهٽجي 266 رهجي ويا آهن ان صورت ۾ نئون تڪ ب??ديون ڪرڻ لازمي ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ آدمشماري 2017ع پروزنل هئي ۽ نوٽيفائيڊ نه هئي تنهن ڪري تڪ ب??دي شروع نه پئي ٿي ??گه??، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن وزيراعظم کي 7 مئي 2020ع تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي صحيح سان ڊي او ليٽر لکيو، وري ان کانپوءِ منسٽري آف پارلياماني افيئرز ۽ منسٽري آف لا سميت سينيٽ سيڪريٽري، قومي اسيمبلي سيڪريٽري ۽ ڳڻپ وا??ي اداري کي تاريخ وا?? 7 مئي 2020ع، 30 جون 2020ع، 27 آگسٽ 2020ع، 15 سيپٽمبر 2020ع، (قانون وا??ي وزارت) 30 سيپٽمبر 2020ع، (پارلياماني معاملن وا??ي وزارت) 30 سيپٽمبر 2020ع، 2 نومبر 2020ع، 3 ڊسمبر 2020ع (ڳڻپ وا??و ادارو) 11 ڊسمبر 2020ع ۽ 21 جنوري 2021ع تي ڪيترائي خط لکيا ويا ۽ هر ڀيري يادگيري ڪرائي وئي ته تڪبندي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميداري آهي ۽ جيستائين آدم شماري کي نوٽيفائي نه ڪيو وڃي ته تڪ ب??دي شروع نٿي ٿي ??گه??، اليڪشن ڪميشن جي انهن ڪوششن کانپوءِ آدمشماري 6 مئي 2021ع تي نوٽيفائي ٿي ۽ ڪميشن تڪ ب??دي جو شيڊول جاري ڪيو ۽ ڪم شروع ڪيو، پر پوءِ حڪومت فيصلو ڪيو ته نئين ڊجيٽل آدمشماري ٿيندي تنهن ڪري تڪ ب??دي جو ڪم روڪيو ويو، ان کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ٻيهر حڪومت کي خط لکيا تاريخ وا?? 30 سيپٽمبر 2021ع ۽ 21 جنوري 2022ع تي لکيا ته نئين آدمشماري جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن تڪ ب??دي جو ڪم شروع ڪري سگهجي پر ڊجيٽل آدمشماري اڃان تائين مڪمل نه ٿي جنهن جي ڪري اليڪشن ڪميشن نئين تڪ ب??دين جو ڪم مڪمل نه ڪري ??گه??. تنهن هوندي به اليڪشن ڪميشن پنهنجون آئيني ۽ قانوني ذميداريون ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، پر ٻين ادارن ۽ شخصيتن کي به پنهنجون آئيني ۽ قانوني ذميداريون وقت سر ادا ڪرڻ گهرجن ۽ هروڀرو جي تنقيد کان پاسو ڪيو وڃي.