اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف وزيراعظم آفيس پهچي ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، وزيراعظم شه??از شريف مقرر آفيس وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صبح 8 وڳي آفيس پهچي ويو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ سرڪاري وقت موجب آفيسون صبح 10 وڳي کلنديون آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شه??از شريف هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسن جي وقت ۾ تبديلي ڪندي آفيسون 10 وڳي بدران 8 وڳي کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي ??رف وزيراعظم شه??از شريف جي آفيس سنڀاليندي ئي عوام کي رليف جي فراهمي جي انهن جي اعلانن تي عملدرآمد جو آغاز شروع ٿي ويو آهي، وزيراعظم شه??از شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي اعلانن تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا، هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معياري ۽ سستي اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن رمضان بازارن جي سخت مانيٽرنگ يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته عوام کي سستي شين جي فراهمي ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن پينشرن جي پي??شن ۾ اضافي، گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جي اعلانن تي فوري طور عملدرآمد جو حڪم به جاري ڪيو، وزيراعظم شه??از شريف سان وزيراعظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته هو هوشيار ٿي وڃن اسان عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته ايمانداري، شفافيت، اڻٿڪ محنت اسان جا رهنما اصول آهن.