اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ايشام ۾ فوجي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ واقعي ۾ 7 فوجين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جو پاڪستاني فوج جي قافلي تي حملو مذمت جوڳو آهي، اهڙا واقعا امن جي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چي?? ته حوالدار طارق يوسف، س??اه?? سليمان وقاص، س??اه?? جنيد علي، س??اه?? اعجاز حسين، س??اه?? وقار احمد، س??اه?? محمد جواد امير ۽ س??اه?? ا??شد علي شهادت ماڻي. ملڪ ۽ قوم جي لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چي?? ته دهشتگردي جو خ??تم?? آڻي سک جو ساهه کڻنداسين. هن چي?? ته دهشتگردن جي خلاف جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي فرزندن کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چي?? ته شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي لاءِ دعاڳو آهيون.