اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف ڪوٽ لکپ?? جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام ج?? بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزي??اع??م آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م لاهور جي دوري جي موقعي تي ڪوٽ لکپ?? جيل جو دورو ڪيو ۽ قيدين جي سزائن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ جيل سڌارن جي لاءِ گهرو وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزي??اع??م پاران اعلان ڪيل جيل سڌارا ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزي??اع??م شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪوم?? جي فرضن ۾ شامل آهي. وزي??اع??م ڪوٽ لکپ?? جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ وزي??اع??م قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صح?? جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م قيدين کي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعا موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا ??ان??وءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڀر??ور طريقي سان تيار ڪري سگهن.