اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افعانستان جي 10 صوبن ۾ ٻوڏ، قيمتي جانين ۽ مالي نقص??ن تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ افغان عبوري ح??وم?? ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي خاندانن ۽ ٻين متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي هنگامي ام??اد جي لاءِ اڳتي وڌي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم افعانستان جي ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي عالمي برادري ۽ او آءِ سي افعان هيومنٽرين ٽرسٽ جي فورم تان متاثر افغان عوام جي مدد جي ڪوششن کي تيز ??رڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ اڳ ۾ جاري انساني بحران ۾ وڌيڪ شدت اچڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته وقت سر قدم نه کنيا ته جاني نقصان وڌڻ جو خطرو آهي جنهن جي لاءِ فوري هنگامي قدم گهربل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خوراڪ، طبي ام??اد، بي گهر ماڻهن کي پناهگاهن جي فراهمي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون افغانستان جي مدد جو پروگرام شروع ڪن. هن چيو ته افغانستان جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ افغان عوام سان گڏ آهيون، هر ممڪن ام??اد ڪنداسين. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي افغانستان جي ٻوڏ متاثر عوام کي ام??اد جي فراهمي جو پڻ حڪم ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان متاثرين جي لاءِ هنگامي ام??اد موڪلي رهيو آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.