اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اقتصادي فورم جي ٽن ڏينهن وا??ي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري موجب پرڏيهي وزير کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت عالمي اقتصادي فورم جي صدر ڏني آهي، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 23 کان 26 مئي تائين ڊيووس ۾ فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير ٻئي حاضر عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي عالمي اقتصادي فورم جي ڪيترن ئي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. پرڏيهي وزير اڀرندڙ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جي معاشي ۽ س??اج?? اثرن سان ??ڏو??ڏ ڪورونا وبا، خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ ۽ موس??يا??ي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جي باي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندا، بلاول ڀٽو زرداري سالياني اجلاس ۾ شرڪت پنهنجي هم منصبن سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو، ورلڊ اڪنامڪ فورم هر سال سياسي ۽ ڪاروبا??ي اڳواڻن سان ??ڏو??ڏ عالمي تنظيمن جي نمائندن، سول سوسائيٽي ۽ سڄي دنيا کان نوجوانن جي نمائندگي کي گڏ ڪري ٿو ته جيئن معاشي، س??اج?? ۽ ماحولياتي چئلينجن تي ضابطو آڻن لاءِ راهن جي نشاندهي ڪري سگهجي.