اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) موسميات کاتي سومر 20 کان اربع 22 جون تائين ??لڪ جي مختلف علائقن ۾ وڏي طوفان ۽ گجگوڙ سان برساتن جي سلسلي جي اڳڪٿي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪندي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل تازي ايڊوائيزري موجب سومر 20 کان اربع 22 جون تائين ??لڪ جي اترئين ۽ وچو وارن علائقن ۾ وسيع پئماني تي طوفان ۽ گجگوڙ سان تيز ??رساتن جو سلسلو شروع ٿيندو. تيز ??رساتن جي ان سلسلي جي ڪري خ??بر??ختونخواهه، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيدنگ کانسو??ءِ ??لڪ جي اڪثر علائقن ۾ ندي نالن/ دريائن ۾ طغياني ۽ نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ان صورتحال جي ڏس ۾ سمورين لاڳاپيل وفاقي، صوبائي وزارتن بشمول پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، صوبائي، گلگت بلتستان، اسٽيٽ ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز ??ميت سمورن لاڳاپيل کاتن کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي ل??ءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن ڪنهن به قسم جي امڪاني جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. پي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي بشمول نشيبي علائقن جي ل??ءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت جاري ڪئي ته جيئن موسم جي ڪري رهائشي علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏيڻ ۽ رستا بلاڪ ٿيڻ جي صورت ۾ وقت سر قدم کڻي سگهجن. لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف عوام کي غيرضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي ل??ءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيڪ اهو ته نشيبي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهندي ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کان لاڳاپيل ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي مطلع ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪاني برساتن ۽ رستن جي تازي صورتحال کان باخبر رکن.