اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وز??راعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ??يو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 69 هين سالگرهه جي موقعي تي پنه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو شهيد کانسواءِ اڌوري آهي ۽ سندس شهادت سان پيدا ٿيندڙ خال نه ڀرجندو. وز??راعظم چيو ته بينظير ڀٽو شهيد پنه??جي نظريي تي دليراڻي طور تي ۽ سختي سان قائم رهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.