اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته والاريل ڪ??مير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي انساني ۽ سياسي حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، پاڪستان خودمختياري جي حق لاءِ والاريل ڪ??مير جي ع??ام جي سدائين حمايت ڪندو رهندو. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان والاريل ڪ??مير جي ع??ام سان پنهنجي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريون ٿا، والاريل ڪ??مير ۾ ڀارتي ڏاڍ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته والاريل ڪ??مير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي انساني ۽ سياسي حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي، ڀارت معصوم ڪشميرين سان گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري غيرانساني سلوڪ بند ڪري. هن چيو ته ڀارت پاران گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزين جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا.