ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي يونيورسٽي ۾ جشن آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي پرچم ڪشمائي جي تقريب 14 آگسٽ تي ٿيندي. ڪراچي يونيورسٽي جي رج??ٽرار پروفيسر ڊا??ٽر عبدالوحيد موجب ڪراچي يونيورسٽي ۾ 14 آگسٽ تي جشن آزادي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ نئين انتظامي عمارت آڏو تقريب شروع ٿيندي، يونيورسٽي جو وائس چانسلر پروفيسر ڊا??ٽر خالد محمود عراقي جهنڊو ڦڙڪائيندو۽ قومي ترانو وڄايو ويندو. ان موقعي تي شيخ الجامعه پروفيسر ڊا??ٽر خالد محمود عراقي استادن، شاگردن ۽ ملازمن کي خطاب ڪندو.