اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته عمران خان فتنو، فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳ??لهائڻ جي لاءِ هر جڳهه جو دورو ڪري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن سان ملڻ لاءِ نه ٿو وڃي سگهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ڪراچي جو دورو برساتن جي ڪري ملتوي ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته مديني تي سياست، ڪوويڊ تي سياست، احتساب تي سياست، فتني فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳ??لهائڻ جي لاءِ عمران خان هر جڳهه جو دورو ڪري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن سان ملڻ جي لاءِ نه ٿو وڃي سگهي، بشريٰ بي بي اسلامي ٽچ جي ڪري منع ڪيو آهي.