اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته فارن فنڊيڊ فتني مڃي ورتو ??هي ته هن آرمي چيف کي اڻڄاتل مدي تا??ي?? توسيع جي آڇ ڪئي هئي، ان سان اهو ئي سلوڪ ٿي رهيو ??هي جنهن جو هو مستحق آهي، سمورا والدين پنهنجي ??ارن، ٻارڙين ۽ فيمليز کي سڀاڻي عمران خان جي خوني مارچ کان محفوظ رکن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خا?? توهان ڪرپشن نه ڪئي، چار سال ڌاڙا هنيا آهن. هن چيو ته الحمدالله، ملڪ تباهي طرف وڃڻ کان ڇهه مهينا اڳ بچي ويو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو فوج جي اميج کي بهتر نه پر صرف فوج ۾ بغاوت ۽ شهيدن جي خلاف م??م هلائي سگهي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف کي رڳو فارن فنڊيڊ فتني ڪريش ڪيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله ڏوهاري هئا ته توهان چار سال ۾ ثابت ڪري ڇڏيو ها، جاسوسي جي اجازت عمران خان پاڻ ڏني هئي، عمران خان اقتدار ۾ ايندي ئي پنهنجن ويجهن ماڻهن کان اکيون ڦيري ڇڏيون، عمران نيازي کي آزاد ميڊيا کان نه پر پنهنجي اندر جي ??تني جو خوف هو. هن چيو ته چونڊون آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ايندڙ سال ٿينديون.