اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) عالمي ??ئنڪ پاڪستان ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاء?? هڪ جامع حڪمت عملي واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آه??. ا??ا ڳالهه عالمي ??ئنڪ طرفان پاڪستان ۾ ماحويلياتي ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ترقيءَ جي باري ۾ جاري ڪيل هاڻوڪي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي گرمي ??ي شديد لهر ۽ تباهه ڪُن ٻوڏ سان ان حقيقت جي عڪاسي ٿي ريه آهي ته موسمياتي تبديلين سان ٿيل آفتن پاڪستان جي ترقياتي عزم ۽ غربت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي. رپورٽ مطابق هاڻوڪي ٻوڏ سان 1700 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون جڏهن ته 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سان بنيادي ڍانچي، ملڪيتن، فصلن ۽ چوپائي مال کي تمام گهڻو نقصان پهتو. پاڪستان ۽ انهن جي عالمي ??راڪتدارن جي هڪ محتاط ڪاٿي مطابق ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ خاطرخواه سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي، ان مد ۾ پاڪستان جي عالمي ??هڪار جي ضرورت هوندي. ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي ??ئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر ٻُڌايو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پيا ٿيندڙ انساني بحران موسمياتي تبديلين جي ڪارڻ پاڪستاني عوام ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائيءَ جي سلسلي ۾ هڪ وارننگ آهي. عالمي ??ئنڪ جي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ خوراڪ ۽ـ زراعت جي نظام ۾ ايٽمي ??بديليون، موسمياتي ۽ ماحولياتي لحاظ کان موزون بنيادي ڍانچي ۽ شهرن جي تعمير، پائيدار ۽ ماحول دوست توانائي، پائيدار ۽ منصفاڻي ترقي ۽ ماحويلاتي لچڪ لاءِ انساني سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، ماحولياتي تبديلين کي مُنهن لاءِ قدمن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ پاليسين ۾ تبديلي، مراعتن ۽ ملڪن ۾ سڌيءَ ريت ۽ نجي عالمي ??يڙپڪارن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.