استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ دستياب پرڪشش موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار، شمسي توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته تر??يه سان ٽن سالن ۾ گڏيل واپا??ي ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تر??يه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ واپار واري وفاقي وزير سي?? نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير اسرار ترين، وزيراعظم جي خاص معاون فهد حسين، تر??يه ۾ پاڪستان جي سفير، تر??يه جي واپار واري وزير کانسواءِ ترڪ واپارين ۽ سيڙپڪار ڪمپنين ??ي نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ واپار، دفاعي پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته استنبول ۾ پاڪستان تر??يه بزنس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، م??ضي ۾ تر??يه جي ڪجهه ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ مشڪلاتون رهيون، تر??يه جي سيڙپڪارن جي مسئلن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، تر??يه جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم گذريل ڏينهن ۾ تر??يه ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته تر??يه پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهيو آهي، تر??يه ۾ دهشتگردي جي تازي ڪارروائي مذمت جوڳي آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي اسان کي انتهائي ڏک آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏوگڏ عوام به دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. هن استنبول دهشتگردي ۾ انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي کي هارائڻ جي لاءِ معاشري جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪريل ماڻهو آهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي افسوسناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿيا. هن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ تر??يه جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. تر??يه جي صدر ۽ عوام جا ٿورا مڃيندي هن چيو ته تر??يه پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي، پاڪستان ۾ ان افسوسناڪ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته لکين گهر تباهه ٿيا، ٻوڏ کانپوءِ ترڪ صدر ٽيليفون ڪري پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو جنهن کانپوءِ متاثرين جي مدد لاءِ انقره کان اسلام آباد ۽ ڪراچي تائين ايئر برج قائم ڪيو ويو ۽ ٽرينن جي ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو، تر??يه اڳتي وڌي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم چيو ته ترڪ واپارين جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم ۽ ڪوششون ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا بي پناهه امڪان آهن، واپا??ي ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ تر??يه سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي، تر??يه سان ٽن سالن ۾ واپا??ي ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته گهڻ رخي رابطن ۾ وڌيڪ اضافي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا ۽ بي پناهه امڪان موجود آهن، اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان ترڪي سان واپار ۾ اضافي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته م??ضي ۾ تر??يه جي ڪمپنين جي لاءِ ڪجهه مشڪلاتون رهيون آهن، ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ختم ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته مختلف شعبن خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار ۽ شمسي توانائي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، ان ڏس ۾ پاڪستان جي حڪومت ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم روس يوڪرين تڪرار جو ذڪر ڪندي چيو ته ان جي ڪري تازي تاريخ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۾ زبردست اضافو ٿيو، ان صورتحال سان پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪ به متاثر ٿي رهيا آهن، ان ??ي نتيجي ۾ مختلف ملڪن کي ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان دنيا کي هڪ مشڪل مان ڪڍيو آهي جيڪا دنيا کي هڪ گذريل هڪ سال کان درپيش آهي، ترڪ صدر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏجي ان جو حل سفارڪاري سان ڪڍيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل عام ماڻهن جي دلين جي ڳالهه ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت مهانگي پيٽروليم مصنوعات جي درآمد کي گهٽ ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان گذريل سال 27 ارب ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪيون، اسان اهو برداشت نه ٿا ڪري سگهون. وزيراعظم چيو ته هو ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو ٿورائتو آهي جنهن اسان جو پنهنجي ٻئي گهر تر??يه اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو، ترڪ صدر سان گذريل رات بامقصد ۽ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان سان پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ واپار ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۾ مدد ملندي، سامونڊي جهاز ملجم جو به افتتاح ڪيو ويو. ان کان اڳ ان جي ڪراچي ۾ به لانچنگ ٿي، اها دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن ۽ ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي انهن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي ڪن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لامحدود صلاحيتن کي ٻطرفي واپار ۽ ڪاروبار ۾ پڻ نظر اچڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت ترڪ ڀائرن سميت غيرملڪي سيڙپڪارن پاران سيڙپڪاري جي راهه ۾ ڪنهن به قسم جي وڌيڪ رڪاوٽ برداشت نه ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات دوران کيس ٻڌايو ويو ته وڌيڪ ترڪ ڪمپنيون پاڪستان اچڻ جون خواهشمند آهن. وزيراعظم چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته م??ضي جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي ڪندڙ ترڪ ڪمپنين کي انهن جون واجب الادا ادائيگيون نه ڪيون ويون، اهڙو ئي معاملو پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ترڪش ايئرلائينز جو هو. هن چيو ته آئون توهان جي ذريعي سڀني کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان پاڻ ۾ ڀاءُ ۽ خاندان آهيون ۽ اهڙي قسم جي رڪاوٽن کي برداشت نه ڪنداسين جنهن سان اسان جي لاڳاپن کي نقصان پهچي. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت سمورن مسئلن کي ختم ڪندي ۽ سيڙپڪارن جي حقيقي مسئلن کي حل ڪندي. هن چيو ته ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ”ٽريڊ اينڊ گڊز ايگريمنٽ“ جي معاهدي تي ڪم تيز ڪيو ويندو، ٻطرفي واپا??ي ڪاٿي کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي هڪ ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته تر??يه جو سالياني واپار 250 ارب جي لڳ ڀڳ هو جڏهن ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ واپار هڪ يا ڏيڍ ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هو جيڪو بي پناهه صلاحيتن جي ڏس ۾ تمام گهٽ هو. وزيراعظم چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي مثالي ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي نه ٿو ڪري. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ تر??يه کي پنهنجي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻيندي ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مضبوط عزم ۽ خلوص سان واپا??ي ڪاٿي کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻيڻو ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن ڇو ته رڳو سخت محنت ۽ اڻٿڪ ڪوششون ئي هڪ شاندار ڪاميابي جي لاءِ اهم ثابت ٿينديون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان پاڪستان ۾ شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ جو منصوبو آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن.