اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس انڊونيشين هم منصب رتنو مارسودي ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽرهينڊل تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ت?? انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران پرڏيهي وزير انڊونيشيا جي پاڪستان سان يڪجهتي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي شڪار پاڪستان جي مسلسل امداد کي سا??اهيو. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ ??يو ته هن پاڪستان انڊونيشيا لاڳاپ?? کي مضبوط بڻائڻ، عورتن جي حقن ۽ انه?? کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ??ڏج?? ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.