اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس ل??ئي?? پشاور جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين جو ناحق رت وه??ئي??دڙن کي عبرت جو نشان بڻ??ئي??داسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م چيو ته الله تعاليٰ آڏو سجدو ڪندڙ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي منافي آهي، الله جي گهر کي نشا??و بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀ??ئي??دڙن کي نشا??و بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي خلاف جنگ ڪندڙن کي هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراع??م چيو ته شهرين جو ناحق رت وه??ئي??دڙن کي عبرت جو نشان بڻ??ئي??داسين. دهشتگردي جي خا??مي لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا متحد آهن، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي عقيدت جو سلام ??يش ڪري ٿي. وزيراع??م چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. وفاق صوبن جي دهشتگردي جي خا??مي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون ڪندو. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته صوبن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ مدد فراهم ڪري. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.