اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اڀرندڙ ڊيجيٽل نشرياتي نظام بابت هڪ مذاڪري ۾ مقررين ان نظام جي اهم ادارن جي ??چ ۾ رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ان کي اجتماعي طور تي فروغ ملي ۽ اهو مثبت ۽ تعميري انداز ۾ قوم جي بهتر طور تي خدمت ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار FMs اسٽريم چينل ۽ OTT پليٽ فارمز جي نمائندن ان مذاڪري ۾ ڪيو جنهن جو اهتمام پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ريڊيو جي عالمي ڏينهن جي تقريبن جي سلسلي ۾ ريڊيو پاڪستان هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڪيو. مختلف نجي ايف ايم چينلز، اسٽريم چينلز ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن، تعيلمي ماهرن ۽ صحت جي شعبي جي ماهرن مذاڪري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. انهن جو چوڻ ه?? ته پرائيويٽ ايف ايم چينلز ماڻهن کي وڌيڪ موثر انداز ۾ معلومات ۽ تفريح فراهم ڪرڻ ۾ ريڊيو پاڪستان وٽ موجوده پروگرامن ۽ معلومات جي قيمتي ذخيري مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ريڊيو پاڪستان ميڊيا جي شعبي ۾ معياري انساني وسيلن جي تخليق جي ل??ءِ تعليمي ادارن سان تعاون به ڪري سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن وٽ اطلاعات ۽ معلومات جو قيمتي اثاثو موجود آهي ۽ ان جي دستيابي عام ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ نظام جوڙيو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ ريڊيو پاڪستان جي وسيع تر پهچ جو ذڪر ڪندي چي?? ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي ذريعي ان قومي نشرياتي اداري جي نشرياتي اوزارن جو معيار بلند ڪيو پيو وڃي ته جيئن آواز جو معيار بهتر ٿي سگهي. ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل طاهر حسن ڳالهائيندي چي?? ته ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ جي نئين رجحانن جي گهرج آهي ته لاڳاپيل ادارن ۾ رابطي کي فروغ ڏنو وڃي. هن سرڪاري نشرياتي اداري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ ٿيندڙ قدمن کي اجاگر ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايف ايم 105 جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ذوالفقار علي شاهه چي?? ته عوام جي وسيع تر مفاد جي ل??ءِ اسان ريڊيو پاڪستان سان تعاون جي ل??ءِ تيار آهيون. هڪ آءِ ٽي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وهاج سراج چي?? ته اڄ نشرياتي ميديا کي تخليق ۽ جدت جي حوالي سان ڪيترائي مسئلا درپيش آهن ۽ اسان جي خيال ۾ روايتي طريقن کان هٽي ڪري ان جو حل ڳولڻ گهرجي. ريڊيو انجنيئرنگ ڪمپني جي سي اي او ڊاڪٽر جاويد هارون قريشي چي?? ته ريڊيو پاڪستان موثر مواد جي تخليق سان مالامال آهي ۽ اسان کي ان جي اشاعت ڪرڻي. ڊپارٽمينٽ آف سوشل سائنسز نسٽ جي ڊين ڊاڪٽر سلميٰ صديق چي?? ته نسٽ نوجوان نسل کي نشريات جي تربيت ڏيڻ جي ل??ءِ تربيتي اڪيڊمي قائم ڪرڻ جي ل??ءِ ريڊيو پاڪستان سان تعاون ڪرڻ ل??ءِ تيار آهي. آءِ ايم ڊي سي جي سي اي او ڊاڪٽر ياسر نياز تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته انهن جو ادارو عوام ۾ صحت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ تعليم جي فروغ ۾ ريڊيو پاڪستان سان تعاون ڪندو. چائنا ميڊيا گروپ جي تصور زمان چي?? ته ريڊيو پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل ۾ حصيداري ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ دوستي جي فروغ ۽ عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ موثر ثابت ٿي رهي آهي. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي مان وڪيل خان چي?? ته پيمرا ريڊيو جي صنعت جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ عوام کي بهتر انداز ۾ تعليم ۽ تفريح فراهم ڪندو رهندو. مرڪزي تقريب ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ ٿي جنهن جي ميزباني ناليواري صحافي، تجزيه نگار ۽ ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڪئي. اهڙي طرح جا مذاڪرا پي بي سي جي صوبائي هيڊڪوارٽرز لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ پڻ ٿيا.