اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف تيز ۽ سستي انصاف جي فراهمي ۾ وفاق?? محتسب جي ڪردار کان عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن جي شڪايتن کي انهن جي درن تي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ وفاق?? محتسب جي صلاحيت وڌائيندي ملڪ جي ڏورانهن ع??ائ??ن تائين ان جي پهچ کي سگهه ڏني وڃي، سرڪاري اهلڪارن جي هٿان زيادتين ۽ ناانصافي جو شڪار ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاق?? محتسب پاڪستان اعجاز احمد قريشي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2022ع پيش ڪئي. اعجاز احمد قريشي صدر کي سال 2022ع جي دوران سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف ماڻهن کي انصاف جي فراهمي ۾ وفاق?? محتسب جي ڪردار ۽ ڪاميابين بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته اداري کي 2021ع ۾ 110398 شڪايتن جي مقابلي ۾ 2022ع ۾ 164174 شڪايتون مليون. وفاق?? محتسب 2021ع ۾ 106732 شڪايتن جي مقابلي ۾ 2022ع ۾ 157770 شڪايتن جو ازالو ڪيو جيڪي 50 سيڪڙو وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته شڪايتن جي انگ ۾ غيرمعمولي اضافي ۽ ڪيسن کي تيزي سان اڪلائڻ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهو محتسب جي اداري تي ڀروسو ڪن ٿا، جيڪو انهن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. وفاق?? محتسب ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پرڏيهي پاڪستانين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پاڪستان جي سمورن عالمي هوائي اڏن تي ون ونڊو فيسيلي ٽيشن ڊيسڪ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 2022ع دوران حڪومت جي لاڳاپيل ادارن بشمول نادرا، پاسپورٽ آفيس، او پي ايف وغيره پاران 137647 سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪيون ويون. هن چيو ته وفاق?? محتسب ڏورانهن ع??ائ??ن ۾ شڪايت ڪندڙن کي انهن جي درن تي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ميرپورخاص، خضدار ۽ سوات سان گڏوگڏ اڳوڻي قبائلي ع??ائ??ن ڪرم ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ آفيسون قائم ڪيون آهن. وفاق?? محتسب صدر کي تڪرارن جي غيررسمي حل ۽ کليل ڪچهري بابت پنهنجي خصوصي قدمن کان آگاهه ڪيو ته جيئن عام ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن شڪايت ڪندڙن جي درخواست تي آن ??ائ??ن شڪايتون ٻڌڻ جو اهتمام پڻ ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ آن ??ائ??ن شڪايتن جي وصولي ۾ 97 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته محتسب جو ادارو پنهنجي پهچ ۽ صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو پر ان ڏس ۾ مالي مشڪلاتون درپيش آهن. وفاق?? محتسب صدر کي اهو به ٻڌايو ته انٽيگريٽڊ ڪمپلينٽ ريزولوشن (آءِ سي آر) سسٽم تحت محتسب شڪايتن کي فوري اڪلائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي 183 مختلف ادارن کي ڳنڍيو آهي. صدر عام ماڻهو کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? محتسب کي چيو ته هو جديد آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪندي پنهنجي پهچ ۾ اضافو ڪري ۽ ميڊيا جي ذريعي ان جي فعال ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪري. صدر خدمتن جي فراهمي ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ محتسب جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن وفاق?? محتسب جي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انتظامي احتساب جي هڪ اهم اداري طور ان جي رتبي کي وڌائڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.