اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آه?? ته عالمي برادري کي موسمياتي تباهي، ڪورونا وبا، سخت معاشي حالتن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ??ان پيدا ٿيندڙ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ سفارتي ڪور جي اعزاز ۾ ڏنل بين المذاهب افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. افطار ڊنر ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ مختلف ملڪن جي مشنز جي سربراهن شرڪت ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن پڻ افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مهمانن کي رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهيني جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي تباهين جي سنگين نتيجن ۽ ڪورونا وبا جي ڏس ۾ معاشي چئلينجز درپيش آه??. پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت وٽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جو اهم ڪم آه??. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان کي گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ معاشي مشڪلاتن ??ان گڏوگڏ ٻوڏ سٽيلن جي مڪمل بحالي جو وڏو چئلينج درپيش آه??، حڪومت جي اولين ترجيح غريبن ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ آه??. هن چيو ته ملڪ هن وقت مشڪل معاشي حالتن مان گذ??ي رهيو آه??، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت مستحقين کي ريليف فراهم ڪ??ي رهيا آه??ون. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پاڪستان سميت مختلف ملڪن کي معاشي مسئلا درپيش رهيا، پاڪستان کي به ٻين ملڪن وانگر مختلف چئلينجز درپيش آه??. پرڏيهي وزير تازي ٻوڏ دوران پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين عطا جان مولاموف پڻ خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ عالمي امن ۽ هم آه??گي جي لاءِ بين المذاهب رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان کي هاءِ رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍيو آه?? جيڪو ساراهه جوڳو قدم آه??. هن رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. سفارتي ڪور جي ميمبرن بين المذاهب هم آه??گي جي تصور ??ان افطار ڊنر منعقد ڪرڻ تي پرڏيهي وزارت جي قدم کي ساراهيو. افطار ڊنر ۾ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.