اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف پاڪستان – ايران بارڊر مند ?? پشين ڪراسنگ پوائنٽ جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اڄ خميس ڏينهن مند ?? پشين سرحد (پاڪستان – ايران سرحد) تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي به ايندو. وزيراعظم محمد شه??از شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪندا. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ کي روڪي سگ??بو. ان کانسواءِ حڪومت وڌيڪ 5 بارڊر مارڪيٽس تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. وڌيڪ اهو ته ٻئي اڳواڻ 100 ميگاواٽ گبد- پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح به ڪندا. گبد پولان ٽرانسميشن لائين وزيراعظم شه??از شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مُدي ۾ تعمير ٿي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران گهٽ لاڳت بجلي جي مجموعي پيداوار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان وزيراعظم شه??از شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهمي جو واعدو پورو ٿيو. دوري دوران وزيراعظم ۽ ايراني صدر جي وچ ۾ غيررسمي ملاقات به ٿيندي.