اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته عوام عمران خان جا ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چڪي آه??، فوج ان جي ناهي هوندي ج??ڪو ان جي خلاف غليظ مهم هلائي، عوام ان جي ناهي هوندي ج??ڪي ملڪ جي خلاف سازش ڪري. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام يقينن عمران خان جو ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي چڪي آه??، ان جي لاءِ هو ٻاهر نه نڪرندو، عمران خان گرفتار ٿيو ته فارن فنڊنگ، توشه خانه چوري ۽ پنهنجي ڌيءَ کي ظاهر نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٿيندو. هن چيو ته عمران خان جي خلاف جيترا ڪيسز آه?? انهن سڀني ۾ هُو جوابدار آه??، عمران خان ذهني مريض آه??، ان جو ذهن شيطان جو گهر آه??، جيڪو هر وقت سازش جي لاءِ تيار رهي ٿو. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته فوج ان جي ناهي هوندي ج??ڪو فوج جي شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائي ٿو، عوام ان جي ناهي هوندي ج??ڪو ملڪ جي خلاف سازش ڪري ٿو ۽ عوام کي بکيو ۽ بيروزگار ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن عمران خان تي حملو ٿيو ته پنجاب ۾ ان جي پنهنجي حڪومت ۽ ان جو پنهنجو وڏو وزير هو، جنهن ايف آءِ آر نه ڪٽي. عمران خان قاتلاڻي حملي جا الزام نه هڻي، ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري.