اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪ??مسٽس يونيورسٽي پاران داخلا ملتوي ڪ??ڻ جي ??لاف شاگرد جي ??پيل منظور ڪندي يونيورسٽي کي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامسٽس يونيورسٽي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏي. يونيورسٽي 7 سيمسٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شاگرد جي ??اخلا ملتوي ڪ??ي ڇڏي هئي. تفصيل موجب ح??اد بن زين جي ??اخلا 2017ع ۾ گهٽ نمبر حاصل ڪرڻ جي ??نياد تي ساڍا 3 سالن کانپوءِ ملتوي ڪ??ي وئي. صدر چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته يونيورسٽي ايتري وڏي غلطي ڪ??ي، ??يران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ شاگرد کي ٻڌايو ته هو داخلا جو اهل نه آهي. صدر چيو ته شاگرد 8 سيمسٽرن جي فيس ادا ڪئي ۽ 7 سيمسٽر مڪمل ڪيا?? شاگرد جي ??لطي نه هجڻ جي ??اوجود ان جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انصاف جي گهرج آهي ته شاگرد کي ڊگري پروگرام مڪمل ڪرڻ جي ??جازت ڏني وڃي. تفصيل موجب ح??اد بن زين (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب کي ڪ??مسٽس جي ??لاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، ??اگرد موقف اختيار ڪيو ته اهليت جو معيار جانچڻ يونيورسٽي جي ??ميواري آهي. شاگرد جو موقف هو ته جيڪڏهن هو گهربل معيار تي پورو نه لهندو هو ته 2017ع ۾ ان کي داخلا ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. وفاقي محتسب يونيورسٽي کي رڳو معاملي جي ??نڪوائري ڪ??ڻ ۽ قصوروار اهلڪارن کي غلفت جو ذميوار قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ريليف نه ملڻ تي شاگرد وفاقي محتسب جي فيصلي جي ??لاف صدر کي اپيل ڪئي جنهن تي صدر شاگرد جي ??پيل منظور ڪندي وفاقي محتسب جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته شاگرد پنهنجي ڊگري پروگرام جا ساڍا 3 سال مڪمل ڪري چڪو آهي، ??اگرد تي غلط بياني جو ڪو الزام نه آهي، ??ن کي يونيورسٽي انتظاميا جي ??فلت جو خميازو ڀوڳڻ نه گهرجي، ??اخلا ملتوي ٿيڻ سان شاگرد جو وقت، پئسو ۽ محنت ضايع ٿيندي. هن چيو ته يونيورسٽي حماد بن زين جي ??اخلا بحال ڪري، محتسب کي تعميل جي ??پورٽ ڏي.