باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توا??ائ??، دفاع، س??اح?? ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم چيو ته صدر الهام عليوف سان ملاقات انتهائي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، اسان پ??هن??ي بهترين لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جي گڏيل عزم موجب واپار، سيڙپڪاري، توا??ائ??، دفاع، س??اح?? ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وز??را??ظم چيو ته هو ۽ ان جو وفد پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ آذربائيجان جي ماڻهن جي محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، باڪو ۾ لهرائيندڙ پاڪستاني جهنڊن جي بهار ڏسڻ وٽان هئي، عوام جي وچ ۾ گڏيل محبت ۽ احترام تي ٻڌل اهو رشتو اسان جي لاڳاپن جي مضبوطي جو عڪاس آهي. وز??را??ظم چيو ته هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي ڪاراباخ جي معاملي تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو آهي. وز??را??ظم چيو ته قيادت جي سطح تي گڏيل عزم اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده دور جي گهرجن موجب نئين شڪل ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اسان گڏجي ان کي پورو ڪنداسين.