اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ڪيئر سينٽرز بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ڪيئر سينٽرز ج?? سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارن ادارن ۾ ڊي ڪيئرز ج?? قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر سينٽرز بل 2023ع تحت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارا نجي ادارا به ملازمن جي سهولت لاءِ ڊي ڪيئرز ج?? قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا قيد جي سزا به ڏئي سگهبي. صد?? بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.